سر وليم فرمليئن

سر وليم فرمليئن: هندستان ۾ انگريز مغلن جي زماني ۾ آيا ۽ هنن پهرين تجارتي ڪوٺي 1618ع ۾ سورت ۾ قائم ڪئي، جيڪا پوءِ سندن هيڊ ڪوارٽر بڻجي وئي. انگريزن جي هيءَ ڪوشش رهي ته اهي هندستان ۾ اهڙن شهرن ۾ تجارتي ڪوٺيون کولين، جتي کين سٺو ۽ سستو مال ملي سگهي. ان زماني ۾ جيئن ته سموري هندستان تي مغلن جي حڪومت هئي، ان ڪري هنن مغلن سان ناتا وڌائڻ لاءِ پنهنجا سفير سندن درٻار ۾ موڪلي مختلف شهرن ۾ تجارتي ڪوٺين کولڻ جي اجازت گهري، انهن ڏينهن ۾ سنڌ به هڪ سرسبز ۽ زرخيز ملڪ هو. خاص ڪري ٺٽو واپار جو مرڪز هو ۽ لاهري بندر مشهور بندرگاهه هو، جنهن رستي واپار خليج فارس، گوا، گجرات، عدن ۽ آفريڪا سان هلندو هو. ان ڪري انگريزن سنڌ سان تجارتي ناتن رکڻ لاءِ لهه وچڙ شروع ڪئي ۽ هتي ڪيترائي انگريز سياحن جو روپ ڌاري جاسوسي ڪرڻ آيا. 1620ع ۾ جڏهن ائنٽي سٽارڪي هتي پهتو ته پورچوگيز پادريءَ کيس زهر ڏئي ماري ڇڏيو. ان ڪري انگريزن ضروري سمجهيو ته پورچوگيزن سان ٺاهه ڪجي. نيٺ 1635ع ۾ ڪمپنيءَ جي هندستاني ڊائريڪٽر وليم ميٿولڊ ۽ پورچوگيزن جي وچ ۾ ٺاهه ٿيو. اهڙي طرح ڪمپني سر وليم فرملين جي اڳواڻيءَ ۾ هڪ وفد ٺٽي موڪليو. وليم فرملين پهرين سورت ڪمپنيءَ جو اسسٽنٽ ڊائريڪٽر هو، جيڪو ٺٽي ۾ پنهنجن ٻن ساٿين جان سيلر ۽ رچرڊ موئلي سان گڏ ڊسڪوري جهاز رستي لاهري بندر تي پهتو. جيئن ته وٽن مغل درٻار جو شاهي پروانو هو. ان ڪري ٺٽي جي عملدارن سندن آڌر ڀاءُ ڪيو ۽ سندن رهائش لاءِ شهر ۾ هڪ جاءِ جو به انتظام ڪيو. فرملين سنڌ ۾ پهرين تجارتي ڪوٺي کولي، جنهن جي هيڊ آفيس ٺٽي ۾ ۽ شاخون نصرپور ۽ سيوهڻ ۾ هيون، فرملين ڪمپنيءَ جو ريڊيڊنٽ مقرر ٿيو، جنهن جي پگهار 2 سئو پائونڊ هئي. هن ڪمپني هائوس به ٺٽي شهر ۾ تيار ڪرايو. وٽن هڪ سرڪاري ڊاڪٽر رهندو هو. ڊاڪٽر جي غير حاضريءَ ۾ وقت به وقت ديسي حڪيم به نوڪر رکندو هو. ٺٽي جي هڪڙي حڪيم حاجي محمود کي ڪمپنيءَ پاران 15 رپيا ماهوار پگهار ملندي هئي. هن اهڙا ديسي ايجنٽ ۽ دلال مقرر ڪيا، جن جي معرفت هو شهر ۾ مال نيڪال ڪندا هئا. ڪمپنيءَ جي دفترن جا منشي سنڌي ۽ فارسي دان هئا. في منشيءَ کي ساليانو 50 پائونڊ پگهار ملندي هئي. ريڊيڊنٽ نوابن ۽ سرڪاري عملدارن سان ملندو به هو. وليم فرملين هتي آيو ته تجارت لاءِ هو ۽ ڪمپنيءَ جو خاص ملازم هو پر سندس انتظامي صلاحيتون ۽ ڪمپنيءَ جي مرڪز ڏانهن موڪليل هر خط ۽ رپورٽ سنڌ جي سياسي، معاشي ۽ تجارتي تاريخ جو اهم باب آهي. ان زماني ۾ فرملين کي ڪمپنيءَ طرفان هدايت هئي ته سنڌ مان نير تمام گهڻو خريد ڪري نير جي پيدائش جو مکيه مرڪز سيوهڻ هو. جتي ساليانو ٻه سئو مڻ نير پيدا ٿيندو هو. سنڌ جو نير سرکيج جي نير کان بهتر هوندو هو. ڪمپني مغل شهزادن کي رشوت ڏئي سمورو نير هٿ ڪري بصري ۽ ترڪيءَ تائين وڪرو ڪندي هئي. فرملين لکي ٿو ته: سنڌ ۾ سن ۽ بوبڪ ۾ نير تمام گهڻو ٿئي ٿو. اتان هڪ هزار مڻ نير ٺٽي پهچندو هو. ان وقت نير جي قيمت في سير اٺ آنا هئي. لاهور جي نير جي قيمت في پاءُ اٺ پئسا ۽ احمد آباد جي نير جي قيمت پاءُ نَوَ پئسا هوندي هئي. ڪمپني انهن جي مقابلي ۾ سيوهڻ ۾ نير جي قيمت ٻارهن پئسا ڏيندي هئي. گورنر ڏانهن موڪليل نير تي محصول چار رپيا في مڻ هو. سنڌ ۾ نير مٽي ۽ واري ملائي وڪرو ڪيو ويندو هو. انهن ڏينهن ۾ سنڌ جو مال ڏاڍو مقبول هو. سر وليم فرملين تجارتي لحاظ کان هتي جيڪي ڏٺو سو لکيو ۽ آگري کان ٺٽي تائين سفر به ڪيو. ان دوران هن پنهنجا مشاهدا قلمبند ڪري ڪمپنيءَ کي موڪليا، جيڪي تاريخ جو اهم حصو آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو